ممبئي (ويب ڊيسڪ) پدماوت ۽ بريلي ڪي برفي ٻيهر رليز ٿيڻ باوجود فلمي شوقينن کي متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام .
ڀارت ۾ پراڻين فلمن کي ٻيهر رليز ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي.
هلندڙ مهيني ٽي فلمون وري سئنما گهرن ۾ پيش ڪيون ويون، جن مان ”صنم تيري قسم“ کي سٺي موٽ ملي رهي آهي، جڏهن ته ”پدماوت“ ۽ ”بريلي ڪي برفي“ فلمي شوقينن جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ناڪام رهيون.
”پدماوت“ کي 6 فيبروري تي ٻيهر نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو، پر فلمي شوقينن دلچسپي ظاهر نه ڪئي.
دپيڪا پاڊڪون، رنوير سنگهه ۽ شاهد ڪپور جهڙي وڏي ڪاسٽ به ماڻهن کي سئنما گهرن تائين آڻڻ ۾ ناڪام رهي.
ساڳي طرح، ”بريلي ڪي برفي“ لاءِ به ٻيهر رليز جو تجربو مايوس ڪندڙ رهيو. ڪريتي سينن، آيوشمان کُرانا ۽ راجڪُمار رائو جي موجودگي باوجود فلم اميدن تي پورو نه لهي سگهي.
You might also like