وال اسٽريٽ جنرل دعويٰ ڪئي آهي ته ايڪس جي سربراهه ايلون مسڪ ۽ ٻين سيڙپڪارن جي گروپ چيٽ جي پي ٽي جي مالڪ ڪپمني اوپن اي آئي کي 97.4 ارب ڊالرن ۾ خريدڻ جي آڇ ڪئي آهي.
نيو يارڪ ٽائمز اهڙي صورتحال کي ايلون مسڪ ۽ اوپن اي آئي جي چيف ايگزيڪٽو سيم آلٽمن جي وچ ۾هٿرادو ذهانت واري سالن کان هلندڙ نجي تڪرا ۾ واڌ جي طور تي بيان ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ٻئي شخصيتون اوپن اي آئي جون باني هيون پر هاڻي بورڊ آف ڊائريڪٽرز سيم آلٽمن سان گڏ هڪ پيج تي موجود آهي.
سيم آلٽمن پنهنجي اڳوڻي ڀائيوار کي ايڪس تي جواب ڏيندي چيو ته توهان جي مهرباني پر جيڪڏهن توهان چاهيو ته اسان ٽوئيٽر کي 9.74 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪري وٺنداسين.
جنهن جي جواب ۾ ايلون مسڪ سيم آلٽمن کي ”ڌوکيباز“ چيو.
ويجهن ذريعن موجب اوپن اي آئي آڇ تي نظرثاني ناهي ڪئي. هي آڇ ڪنزوشيم جي طرفان ڏني وئي هئي جنهن ۾ وي وائي ڪيپيٽل ۽ شائي (جيڪا ايلون مسڪ جي اي آئي ڪمپني آهي)شامل آهن جڏهن ته اوپن اي آئي ناڻو گڏ ڪرڻ جي ڪوشش تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.