والاريل ڪشمير: 17 سالن ۾ 600 کان وڌيڪ ڀارتي فوجين پاڻ ماري ڇڏيو

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ هڪ ٻئي ڀارتي فوجي آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ 2007 کان هيل تائين آپگهات ڪندڙ اهلڪارن جو انگ 621 ٿي ويو آهي.
ڪشمير ميڊيا سروس جي رپورٽ موجب گذريل 17 سالن ۾ اڪثر واقعا ذهني دٻاءَ ۽ غير انساني حالتن سبب ٿيا، 2007 کان 2025 تائين ڀارتي فوجي اهلڪارن جي آپگهاتن جي شرح ۾ مسلسل واڌ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.
ڀارت جي بچاءَ واري وزارت جي انگن اکرن موجب هر سال سراسري طور 40 اهلڪار پاڻ ماريندا آهن.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب اهڙن واقعن تي ڀارتي قيادت کي ناڪامي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.