ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا ڪريتي سينن جنهن بابت ڪيئي مهينن کان ڪاروباري شخصيت ڪبير باهيا سان لاڳاپن جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن، تازو ممبئي ايئرپورٽ تي ساڻس گڏ ڏٺي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 12 فيبروري تي ڪريتي ۽ ڪبير کي ممبئي جي پرائيويٽ ايئرپورٽ تي ڏٺو ويو.
ٻنهي کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا، جنهن سبب مداحن کين”ڪپل گولز“ قرار ڏنو.
ميڊيا رپورٽن موجب، جوڙو پنهنجي گاڏي مان لهڻ کانپوءِ هوائي اڏي جي داخلي دروازي وٽ هڪ عورت سان مليو، ان کانپوءِ سيڪيورٽي کي پنهنجا دستاويز ڏيکاري ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيو.
ڪريتي کي ڪاري رنگ جي عورتاڻي جيڪٽ سان گڏ ٽاپ ۽ نيري جينز پهريل هئي، جڏهن ته ڪبير کي ڪاري ٽي شرٽ ۽ سرمائي رنگ جي پينٽ پاتل هئا.
واضح رهي ته ڪريتي ۽ ڪبير پنهنجي رشتي بابت باظابطا طور تي ڪا به تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي، پر سندنن گڏ تصويرون، موڪلون ۽ ملاقاتون مداحن لاءِ سندن ويجهڙائپ جو وڏو ثبوت آهن.
ياد رهي ته گذريل سال 19 نومبر تي ڪريتي سينن ڪبير کي انسٽاگرام تي سالگرهه جي مبارڪباد ڏني هئي.
هن ساڻس موڪل دوران گڏ ورتل هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ”هپيئسٽ برٿ ڊي،ڪي! تنهنجي معصوم مُرڪ سدائين قائم رهي!“
Next Post
You might also like