دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ميچ فڪسنگ الزام هيٺ بنگلاديش وومينز ٽيم جي اسپنر سهيلي اختر تي 5 سال جي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، 36 ورهين جي سهيلي اختر وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2023ع دوران ميچ فڪسنگ ۾ ملوث هجڻ جا الزام قبول ڪندي آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي 5 شقن جي ڀڃڪڙي جو اعتراف ڪيو.
آءِ سي سي موجب، سهيلي تي لاڳو پابندي 10 فيبروري 2025ع کان لاڳو سمجهي ويندي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، 2023 ۾ ڍاڪا جي مقامي نيوز چينل طرفان هڪ آڊيو جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ٻن ڪرڪيٽرن وچ ۾ مبينا گفتگو ٻڌي وئي.
اطلاعن موجب، ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿيل وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ دوران لتا مونڊل، سهيلي اختر سان رابطو ڪيو هو، پر سهيلي انهن الزامن کي رد ڪندي ان کي غلط فهمي قرار ڏنو هو.
واضح رهي ته آف اسپنر سهيلي اختر بنگلاديش وومينز ٽيم طرفان 2 ون ڊي ۽ 13 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏي چڪي آهي.
You might also like