چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ پاڪستان کي آءِ سي سي جي هڪ ٻئي ايونٽ جي ميزباني ملي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي 2025 کانپوءِ پاڪستان کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي هڪ ٻئي ايونٽ جي ميزباني ملي وئي.
ذريعن موجب، پاڪستان هلندڙ سال آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ ڪواليفائرز جي ميزباني ڪندو، جيڪو اپريل ۾ مختلف شهرن ۾ کيڏيو ويندو.
ايونٽ ۾ پاڪستان سميت 6 ٽيمن جي شرڪت جو امڪان آهي، جن ۾ بنگلاديش، ويسٽ انڊيز، آئرلينڊ، اسڪاٽ لينڊ ۽ ٿائلينڊ شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪواليفائرز مان ٻه ٽيمون هلندڙ سال ڀارت ۾ شيڊيول وومينز ورلڊڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪنديون، جڏهن ته آءِ سي سي ايونٽ بابت باضابطا تفصيل جلد جاري ڪندي.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي، جيڪا 9 مارچ تائين جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.