ٽه ملڪي سيريز : ڪلاسن جا ڪراچيءَ ۾ ڪڙڪا، پاڪستان کي 353 رنسن جو هدف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جي انتهائي مقابلي ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 353 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 352 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪي بيٽر ميٿيو برِٽيزڪي نيوزيلينڊ خلاف رڪارڊ ساز اننگز بعد پاڪستان خلاف به پنهنجي مهارت جو مظاهرو ڪيو ۽ 83 رنسون ٺاهيون، ڪپتان ٽيمبا باووما 82 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو.
اننگز جي آخر ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽر هينرڪ ڪلاسن جارحاڻي انداز اختيار ڪندي پاڪستاني بالرن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا.
هن 56 بالن تي 87 رنسن جي طوفاني اننگز کيڏي، جنهن ۾ 11 چوڪا ۽ 3 ڇڪا شامل هئا.
ان کانسواءِ ڪائل ويئرني 44 ۽ ڪاربن بوش 15 رنسن سان ناقابل شڪست رهيو.
پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته نسيم شاهه ۽ خوشدل شاهه هڪ، هڪ شڪار ڪيو.
محمد حسنين سڀ کان مهانگو بالر ثابت ٿيو، هو 8 اوورن ۾ 72 رنسون ڏئي ڪا به وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.