راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته عمران خان اڄ آرمي چيف کي ٽيون خط جاري ڪيو آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني اڄ آرمي چيف کي ٽيون خط جاري ڪيو آهي، خط ۾ اليڪشن فراڊ ذريعي اقليت کي اڪثريت تي ترجيح ڏيڻ جو معاملو اٿاريو ويو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته مني لانڊررز کي اقتدار ۾ ويهاريو ويو آهي.
عمران خان خط ۾ چيو آهي ته دهشتگردي رول آف لا نه هجڻ سبب وڌي رهي آهي، 18 لک ماڻهو ملڪ ڇڏي ويا آهن، 20 ارب ڊالرن جو سرمايو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي، ڪورٽ پيڪنگ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ ڪئي پئي وڃي.
Prev Post
You might also like