ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي ڊاڪٽر شاهنواز جي عدالت کان مٿانهين قتل ڪيس ۾ پوسٽ مارٽم ۾ تشدد ۽ حقيقتون لڪائڻ جي الزام ۾ ميڊيڪو ليگل آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي اختيارين موجب ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر منتظر مهدي جي گرفتاري ايف آءِ اي ميرپورخاص ڪئي، جوابدار تي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تشدد جون شاهديون لڪائڻ جو الزام آهي.
ايف آءِ اي ٻڌايو ته جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ۾ وڌيڪ گرفتارين جو امڪان آهي، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث عنصرن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائيون جاري آهن.
ايف آءِ اي موجب قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن خلاف به جاچ جاري آهي، جوابدارن خلاف قتل، دهشتگردي، ڪسٽوڊيل ٽارچر ايڪٽ تحت ڪيس داخل آهي.
You might also like