ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ميرا تي 10 سال اڳ برطانيا جي اميگريشن اختيارين طرفان لڳايل پابندي هاڻ ختم ٿي وئي آهي.
ميرا جي ماءُ شفقت زهره بخاري ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته اميگريشن اختيارين ميرا کي لنڊن ايئرپورٽ تان واپس موڪليو هو، ڇو ته هن پنهنجي ماءُ جو نالو غلط لکيو ۽ ٽرانزٽ جي بدران ”ٽرانزيڪشن“ چوڻ سبب غلط فهمي پيدا ٿي.
شفقت زهره جو چوڻ هو ته ميرا کي اميگريشن آفيسرن جي انگريزي سمجهه ۾ نه آئي ۽ نه ئي اميگريشن وارن کي ميرا جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي، جنهن سبب مسئلو ٿيو.
هن وڌيڪ چيو ته ميرا هڪ فنڪار آهي ۽ لنڊن وڃڻ ضروري آهي، ڇو ته سندس نئين فلم جا ڪجهه منظر اتي فلمائڻا آهن، هاڻي ته ميرا جي انگريزي تمام بهتر ٿي وئي آهي.
شفقت زهره ٻڌايو ته ڪيترائي انويسٽرز ميرا سان نوان پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جا خواهشمند آهن، سندس ڪمپني ڊراما ۽ فلمون تيار ڪري رهي آهي، جڏهن ته اداڪار شان سان گڏ به فلم ٺاهڻ جو ارادو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ميرا سرخين ۾ رهڻ جو فن ڄاڻي ٿي، هوءَ پنهنجي خاندان جو خيال رکي ٿي، پنهنجي ڪمائي گهرڀاتين تي خرچ ڪئي، ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڙهايو، جڏهن ته سندس شادي به برقرار آهي ۽ ساهرن سان لاڳاپا پڻ سٺا آهن.
Next Post
You might also like