ڊوميسائل معاملي تي مراد علي شاهه جو وڏو بيان سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊوميسائل معاملي تي ڪوتاهي ڪندڙن کي سزا ڏينداسين.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڊوميسائل معاملي تي جاچ ڪري رهيا آهيون، ڪوتاهي ڪندڙن کي سزا ڏينداسين.
هن چيو ته مون کي ايف بي آر جي ڪليڪشن تي خدشا آهن، شڪايت اها آهي ته جيڪا رقم گڏ ٿيندي آهي، اها وقت تي منتقل ناهي ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت کي درخواست آهي ته رقم وقت تي منتقل ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي خيال ۾ گذريل سال ۾ 80 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم هئي، گذريل سال جي رقم اسان کي هن سال ملڻي آهي.
واضح رهي ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 100 کان وڌيڪ اميدوارن وٽ ٻٽا ڊوميسائل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.