ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽن ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ايونٽ لاءِ تياريون عروج تي آهن، جتي ٽاپ ٽيمن پنهنجي بهترين رانديگرن سان شرڪت ڪري رهيون آهن. جڏهن ته ڪجهه اسڪواڊن کي اهم رانديگرن جي غير موجودگي سبب مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.
آسٽريلوي ٽيم جيڪا هميشه فائٽنگ اسپيرٽ لاءِ مشهور رهي آهي، هن ڀيري سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي، انجري ۽ دستبردارين سبب ٽيم جي تيارين تي وڏو اثر پيو آهي.
ريگيولر ڪپتان پيٽ ڪمنز، فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ انجري سبب ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويا، جڏهن ته آل رائونڊر مچل مارش ۽ ڪيمرون گرين به دستياب نه هوندا.
مارڪوس اسٽوئنس ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هاڻي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ به ذاتي مصروفيتن سبب ٽورنامينٽ تان هٿ کڻي آسٽريلوي ٽيم جي پريشانيون وڌائي ڇڏيون آهن.
سينيئرن جي غيرموجودگي ۾ هاڻي آسٽريليا کي پنهنجي نوجوان بالنگ لائن تي ڀاڙڻو پوندو، جتي اسپينسر جانسن، نيٿن ايليس، شان ايبٽ ۽ بين ڊارشوس کي اضافي ذميواريون کڻڻيون پونديون.
You might also like