مصر جي شهر الغردقه کان برطانيا ويندڙ هڪ مسافر جهاز کي يونان جي شهر ايٿنز ۾ هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب الغردقه کان مانچسٽر ويندڙ ”ايزي جيٽ“ جي جهاز جي پائلٽ جي طبعيت اوچتو بگڙڻ ۽ جهاز جو ڪنٽرول وڃائڻ سبب هنگامي لينڊنگ ڪئي وئي.
جهاز ۾ افراتفري جو ماحول ان وقت پيدا ٿيو، جڏهن عملي جا ميمبر اوچتو پنهنجو ڪم ڇڏي ڪاڪ پٽ ڏانهن ڀَڳا، اتي پائلٽ کي خراب حالت ۾ ڏسي فوري طور تي طبي مدد طلب ڪئي وئي.
ان کانپوءِ مددگار پائلٽ جهاز جو ڪنٽرول سنڀاليو ۽ ان کي يونان جي شهر ايٿنز جي ايئرپورٽ تي لاٿو.
جهاز جي هڪ مسافر موجب عملي جا ميمبر اوچتو ڪاڪ پٽ ڏانهن ڀڳا، انهن هڪ شخص کي ڪِريل ڏٺو، جيڪو عجيب آواز ڪڍي رهيو هو، شروع ۾ اسان کي لڳو ته اهو ڪو مسافر آهي پر جڏهن خبر پئي اهو جهاز جو ڪيپٽن آهي ته مون سميت سڀئي مسافر پريشان ٿي ويا.
Next Post
You might also like