ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي يوٽيوبر رنوير الهه آباديا کي تڪراري بيان تي سوشل ميڊيا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، مزاحيه شو ”انڊياز گوٽ ليٽنٽ“ دوران سندس هڪ سوال تي واهپيدارن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کيس ۽ شو جي ٻين ملوث فردن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
رپورٽن موجب، ممبئي جي پوليس ڪمشنر ۽ مهاراشٽرا وومينز ڪميشن وٽ رنوير الهه آباديا، سوشل ميڊيا انفلوئنسر اپوروا مکيجا، ڪاميڊين سمئي رائنا ۽ شو جي انتظاميا خلاف شڪايت داخل ڪئي وئي آهي.
ان ڏس ۾ ممبئي جي ڪمشنر ۽ مهارشٽرا وومينز ڪميشن ۾ داخل ڪيل شڪايت ۾ الزام مڙهيو ويو آهي ته شو دوران اڻ وڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي وئي، تنهنڪري يوٽيوبر ۽ انتظاميا خلاف کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
تڪرار ان وقت جنم ورتو، جڏهن الهه آباديا هڪ اميدوار کان انتهائي غير مناسب ۽ اڻ وڻندڙ سوال پڇيو، جنهن تي شو جا جج سمئي رائنا سميت آشيش چنچلاڻي ۽ اپوروا مکيجا به حيران رهجي ويا.
سوشل ميڊيا تي وڌندڙ دٻاءُ کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ مهاراشٽرا جي وڏي وزير چيو ته هن کي معاملي جي ڄاڻ آهي، ڪجهه ڳالهيون غلط انداز ۾ پيش ڪيون ويون آهن، پر اسان جي سماج ۾ ڪجهه اصول آهن، جن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي. جيڪو حدون اورانگهيندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هي تڪرار ڊجيٽل پليٽ فارمن تي مواد جي ذميواري بابت بحث کي ٻيهر هٿي ڏني آهي. جڏهن ته الهه آباديا ۽ ٻين ملوث ماڻهن طرفان اڃا تائين ڪو به سرڪاري بيان سامهون ناهي آيو.
ياد رهي ته سمئي رائنا جو شو ”انڊياز گوٽ ليٽنٽ“ اڳ به تڪرارن جو شڪار رهيو آهي، جتي هڪ مهمان اروناچل پرديش جي ماڻهن بابت تڪراري بيان ڏنا هئا، جنهن تي پڻ قانوني ڪارروائي ڪئي وئي هئي.
Next Post
You might also like