واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ناڻي کاتي کي هڪ سينٽ جا نوان سڪا ٺاهڻ ۽ جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، جڏهن ته پراڻا سڪا مارڪيٽ ۾ موجود رهندا.
ڊونلڊ ٽرمپ اهڙو اعلان پنهنجي سوشل ميڊيا سائيٽ ”ٽروٿ سوشل“ تي ڪيو.
هن چيو ته وڏي عرصي کان آمريڪا هڪ سينٽ جا اهڙا سڪا ٺاهي رهيو آهي، جن جو خرچ ٻه سينٽ کان وڌيڪ آهي، اهو فضول آهي! مان پنهنجي سيڪريٽري آف يو ايس ٽريزري کي هدايت ڪئي آهي ته هو نون سڪن جي پيداوار بند ڪري، اچو پنهنجي عظيم قوم جي بجيٽ ۾ پيسو بچايون، ڀلي اهو هڪ پيسو ئي ڇو نه هجي.
You might also like