نه پرهيز نه دوا! شگر جو علاج پاڻ ڪيو، سو به منٽن ۾!

شگر هڪ اهڙو مرض آهي جيڪو هڏن جي بيماري ۽ دل جي دوري سميت مختلف خطرناڪ مرضن جو سبب به بڻجي ٿو. خطرناڪ مرضن ۾ اهو واحد مرض آهي جنهن کي صحت جا ماهر بيماري به چون ٿا ته وري انکي بيماري به ناهن سمجهندا. اهو انڪري ته ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پنهنجي روزاني زندگي جي ڪاروهنوار ۽ کاڌي پيتي جو نظام درست ڪجي ته اهو مرض ڪا وڏي ڳالهه ناهي.

شگر بابت لکيل هڪ ڪتاب ۾ شگر ۾ مبتلا مريض ۽ ان ڪتاب جي ليکڪ به لکيو آهي ته جڏهن مان پهريون ڀيرو ڊاڪٽر ڏانهن ويس ۽ ان مونکي شگر بابت ٻڌايو ته مونسان گڏ موجود واهه واهه ڪري خوش ٿيڻ لڳو، مون انکي ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو ته يار، مونکي شگر ٿي وئي آهي ۽ تون خوش ٿي رهيو آهين! جنهن تي هن چيو ته شگر واحد مرض آهي جيڪو فطري اصولن موجب زندگي گذارڻ تي زور ڀري ٿو، هونئن تنهنجي ننڊ ڪرڻ، کائڻ پيئڻ ۽ واڪ ڪرڻ وغيره جو ڪو به شيڊيون نه هوندو هئو، هاڻي تون پابندي سان کاڌو به معياري ۽ احتياط وارو کائيندين، روز پنڌ به ڪندي ۽ ننڊ به وقت تي ڪندي. جيڪي قدرتي زندگي جا اصول آهن ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟

چوڻ جو مقصد ته صحت جا ماهر شگر جي مريضن کي پنهنجي روٽين بابت ضرور مشورو ڏيندا رهندا آهن.

پر اڄ اسان اوهانکي جيڪو ٻڌائينداسين اهو ڪڏهن ڪنهن نه ٻڌايو هوندو.

شگر تڏهن ٿيندي آهي جڏهن لبلبو انسولين ناهي ٺاهي سگهندو، اها ته تقريبن سڀ ڪنهن کي خبر هوندي، صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته توهان جي جسم ۾ هڪ ٻيو حصو به آهي جيڪو انسولين ٺاهڻ جو ڪم ڪندو آهي ۽ اهو عضوو انسولين تڏهن ٺاهيندو جڏهن توهان چاهيندئو.

صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پيرن جون تريون يا کڙيون به انسولين ٺاهينديون آهن پر اهو عمل ان وقت ٿيندو آهي جڏهن کڙين تي دٻاءُ پوي.

توهان کي هاڻي سمجهه آيو ته ڊاڪٽر آخر پنڌ ڪرڻ جو ڇو چوندا آهن، ڇو ته پنڌ ڪرڻ سان کڙين تي دٻاءُ پوندو ۽ گهٽبو آهي ۽ جسم انسولين ٺاهيندو آهي.

هڪ ته توهان جيترو پنڌ ڪندا اوتري توهان جي شگر نارمل رهندي، پر توهان ڄاڻو ٿا ته پنڌ کانسواءِ شگر کي نارمل ڪيئن ڪجي؟

جيڪڏهن توهان ڪنهن ڪرسي تي ويٺل آهيو ۽ توهان ويٺي ويٺي شگر نارمل ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان کي پيرن جو اڳيون حصو زمين تي رکي کڙين کي واري واري سان يا گڏوگڏ زمين تي رکندا وري مٿي کڻندا رهو، اهڙي ريت پٻن کي مطلب آڱرين واري حصي کي به زمين تي هڻندا ۽ کڻندا رهو. هونئن به ڪرسي تي ويٺل ماڻهو تفريحي انداز ۾ لڏندا رهندا آهن پر جيڪڏهن توهان پنهنجي کڙين کي زمين ۾ هڻندا رهندا ته توهان جي شگر نارمل ٿي ويندي.

نه رڳو ايترو پر اهو ڪم توهان بيهندي به ڪري سگهو ٿا.

اهو ائين ته توهان بيهڻ واري واري انداز ۾ پهريون پنهنجي کڙين کي مٿي ڪري پٻن تي بيهو، وري کڙيون هيٺ ڪيو، وري پٻن تي بيهو، وري کڙيون هيٺ ڪيو.

اهو عمل ڪرڻ سان شگر منٽن ۾ نارمل ٿي ويندي، وڏي ڳالهه اها ته اهو عمل ڪير صحتمند ماڻهو به ڪري ته ان جا به صحت لاءِ حيران ڪندڙ فائدا آهن.

جيڪڏهن توهان کي يقين نه اچي رڳو هڪ ڀيرو ڪنهن ڪرسي تي ويهي ٿوري دير لاءِ رڳو کڙين کي ئي زمين ۾ هڻندا رهو، توهان هڪ منٽ ۾ سئو کان وڌيڪ ڀيرا کڙيون ۽ پَٻ زمين تي هڻي ويندا.

جنهن وقت توهان اهو عمل ڪندا ته توهان کي پنهنجي ٽنگن ۾ عيجب سڪون محسوس ٿيندو ۽ سسڙاٽ نڪرندي محسوس ٿيندا.

توهان جي پنين ۾ رت جا وهڪرو بهتر ٿيندو، توهان پنهنجي اکين ۽ دماغ جو ٿَڪ لهندو محسوس ڪندا.

يقين نه اچي ته اهو آزمائي ڏسو، ٻه کان ٽي منٽ لڳاتار ويهي کڙيون زمين ۾ هڻو ۽ مٿي کڻو، توهان کي پاڻ ئي فرق محسوس ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.