اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان کان قانوني معاملن بابت ذميواري واپس ورتي وئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاورق هڪ ٻيو فيصلو ڪندي ايڊيشنل جج جسٽس راجا انعام امين منهاس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي قانوني معاملن جو جج مقرر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان کان قانوني معاملن بابت ذميواري واپس ورتي وئي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي منظوري سان ڊپٽي رجسٽرار نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب جسٽس راجا انعام امين منهاس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي قانوني ونگ جي معاملن کي سپروائز ڪندو، کيس عوامي مفاد ۾ فوري طور قانوني معاملن جو جج مقرر ڪيو وڃي ٿو.
واضح رهي ته 2022 ۾ جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق کي قانوني ونگ سپروائز ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي هئي.
You might also like