ڪراچي جو نيشنل اسٽيڊيم به چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني لاءِ تيار، ناليوارا گلوڪار افتتاحي تقريب کي چار چنڊ لڳائيندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جو نيشنل اسٽيڊيم به چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني لاءِ تيار ٿي ويو، اسٽيڊيم جو افتتاح سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويندو ۽ ناليوارا گلوڪار فن جو مظاهرو ڪندا.
نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جي افتتاحي تقريب ۾ شوقينن جي انٽري مفت هوندي، اسٽيڊيم جي اوپننگ ۾ ناليوارا گلوڪار علي ظفر، شفقت امانت علي ۽ ساحر علي بگا پرفارم ڪندا، ان موقعي تي آتشبازي ۽ لائيٽ شو جو به مظاهرو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.