ميڪسيڪو (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ميسيڪو ۾ ڇنڇر جي صبح پيش آيل هڪ خوفناڪ بس حادثي ۾ فوتين جو انگ 41 ٿي ويو.
تاباسڪو رياست جي حڪومت موجب 48 مسافرن سان ڀريل بس هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 39 مسافر ۽ ٻئي ڊرائيور اجل جو شڪار ٿي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب هيل تائين رڳو 18 لاشن جي سڃاڻپ ٿي آهي، جڏهن ته وڌيڪ لاشن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.
اڪثر لاش گهڻا سڙي ويا آهن، جنهن سبب انهن جي سڃاڻپ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي ۽ ڊي اين اي جو سهارو ورتو پيو وڃي.
Prev Post
You might also like