ڪيريئر ۾ پهرين فائيٽ هارائيندڙ مشهور باڪسر برين انجري سبب فوت

ڊبلن (ويب ڊيسڪ) آئرلينڊ جو مشهور باڪسر جان ڪووني 28 ورهين جي ڄمار ۾ برين انجري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
هو هڪ هفتي تائين زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندي ڇنڇر ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو.
جان ڪووني کي گذريل هفتي بيلفاسٽ ۾ ٿيندڙ مقابلي ۾ ويلز جي ناٿن هوولز هٿان شڪست ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ان ۾ انٽرنل هيمرج جي سڃاڻپ ٿي، کيس فوري طور تي بيلفاسٽ جي رائل وڪٽوريا اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
ڊاڪٽر سرجري کانپوءِ ان جي دماغ تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه بچي سگهيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جان ڪووني نومبر 2023 ۾ ليئم گينز کي پهرئين ئي رائونڊ ۾ شڪست ڏئي سيلٽڪ سپر فيدرويٽ ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو، سندس آخري فائيٽ ان ئي ٽائيٽل جي دفاع لاءِ هئي پر کيس نائين رائونڊ ۾ شڪست ملي.
اها سندس پروفيشنل ڪيريئر جي پهرين ۽ آخري شڪست هئي، ڇو ته ان فائٽ کان اڳ هو مسلسل 11 ڪاميابيون ماڻي چڪو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.