ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن تي هنگامي اجلاس ۾ ڊمپرن بابت اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڌندڙ ٽريفڪ حادثن کي ڏسندي سنڌ حڪومت ڏينهن جو ڪراچي ۾ ڊمپرن جي داخلا تي پابندي جو فيصلو ڪري ورتو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي چيف سيڪريٽري جو ٽريفڪ حادثن تي هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ، ڪمشنر ڪراچي، اي آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ کي 3 مهينن ۾ آپريشن رات جي وقت شفٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
اجلاس ۾ ڪراچي ۾ هلندڙ وڏين گاڏين ۽ ڊرائيورن جي فزيڪل ويريفڪيشن ۽ گاڏين کي ٽرانسپورٽ کاتي کان ڪيو آر ڪوڊ لڳائي سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
چيف سيڪريٽري واٽر بورڊ جي سڀني واٽر ٽينڪرز جي هڪ مهيني ۾ انسپيڪشن ۽ موٽر سائيڪل سوارن کي هيلمٽ پائڻ ۽ ٽريفڪ پوليس کي عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.
هن چيو ته اطلاعات کاتي ٽريفڪ قانونن ۽ آگاهي لاءِ ميڊيا تي مهم هلائي، لاپرواهي سان ڊرائيونگ ڪندڙن خلاف چالان ۽ ڪيس داخل ڪيو.
اجلاس ۾ سنڌ حڪومت صوبي ۾ وهيڪل انسپيڪشن اينڊ سرٽيفڪيشن سسٽم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽرانسپورٽ کاتي کي وهيڪل انسپيڪشن اينڊ سرٽيفڪيشن سسٽم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ٽريفڪ پوليس اختيارين ٻڌايو ته ڪراچي ۾ هلندڙ گاڏين ۾ 65 سيڪڙو موٽر سائيڪلون آهن، 55 سيڪڙو حادثا موٽر سائيڪل سوارن جا ٿيندا آهن.
چيف سيڪريٽري ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي هڪ مهيني ۾ ٽريفڪ حالتون بهتر ڪرڻ ۽ ٽريفڪ چالان جي شرح وڌائڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.