سنڌ اندر ڪافي عرصي کان امن امان جي صورتحال بدتر ٿيندي پئي وڃي اغوا قتل ڦرون ڌاڙا لڳڻ عام جام ٿي ويو آهي. سڀ کان پهريان ڪنڌڪوٽ ڪشمور. شڪارپور لاڙڪاڻو سکهر ۽ خيرپور شهر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن م بدامني وڌندي پئي وڃي اتان جي پوليس مسلسل آپريشن ڪندي پئي اچي ڌاڙيل گرفتار به ٿين پيا ۽ ماريا به وڃن پيا ماڻهو اغوا به ٿين پيا ۽ بازياب به ٿين پيا پر ان جي باوجود به بدامني جي باھ آخر وسائجي ڇونه پئي ان جو سبب اهو آهي ڪافي عرصو پهريان ايس ايس پيز ميرٽ تي لڳندا هيا پر هاڻي ائين ناهي. هاڻي مختلف ضلعن اندر ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون اتان جي چونڊيل نمائندن جي مرضي مطابق ٿين پيو جنهن سبب امن امان بهتر ٿيڻ م ڪافي رڪاوٽون آهن. ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ شڪارپور م مسلسل ڪيترن ئي مهينن کان اپريشن هلي پيو پر اتي امن امان ٿيڻ ڏيڻ هڪ خواب بڻجي چڪو آهي. ڪنڌڪوٽ ڪشمور مان ته بدامني جي ڪري ڪيتريون ئي فيمليون لڏ پلاڻ ڪري ويون آهن سنڌ م اهڙو ڪوبه ضلعو نه آهي ۽ اتان جو ايس ايس پي بيهي ڪري اهو چوي ته الحمد الله منهنجي ضلعي ۾ امن امان بهتر کان بهتر آهي. هر ضلعو بدامني جي جو شڪار آهي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي خيرپور م سولنگي ۽ جاگيراڻي تڪرار جي ٽي ان وقت خيرپور ۽ اس پاس جا علائقا نوگو ايريا لڳل آهي ان تڪرار سبب شهري لٽجن ۽ ڦرجن پيا.
وقار حسين منگي