ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي جي موسم بابت احوال ٻڌائي ڇڏيو.
ڪراچي ۾ هوائون گهلڻ سبب رات ۽ صبح جو ٿڌ برقرار آهي ۽ اڱاري ڏينهن گرمي پد گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ 0.3 ڊگري واڌ سان 13.8 ڊگري سينٽري گريڊ رڪارڊ ٿيو.
اڳڪٿي موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران شهر ۾ خشڪ موسم ۽ راتيون ٿڌيون رهنديون، ان دوران گهٽ کان گهٽ پارو 14 کان 12 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
You might also like