شادي ۾ هر ڪنهن کي تيار ٿيل ڪنوار ڏسڻ جو انتظار هوندو آهي پر هڪ شادي ۾ مهمان ڪنوار کي ڏسي وائڙا ٿي ويا، ڇو ته اها ٺوڙهي هئي.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اهڙي ڪنوار کي ڏسي سگهجي ٿو، جيڪا ٺوڙهي آهي ۽ پنهنجي شادي کي ڀرپور نموني انجواءِ ڪري رهي آهي.
رپورٽ موجب اها منفرد شادي ڀارت ڄائي برطانوي شهري نيهر سچديوا آهي، جنهن کي ننڍپڻ ۾ ئي هڪ بيماري سبب مٿي تي وار نه هئا.
ڪيتريون ئي عورتون ڪنهن بيماري يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري وِگ لڳائينديون آهن پر نيهر سچديوا بهادري جو مظاهرو ڪندي پنهنجي شادي ۾ سڀني کي ٺوڙهه ڏيکاري مثال قائم ڪري ڇڏيو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪنوار ڳاڙهي عروسي لباس ۾ اسٽيج تي گهوٽ ڏانهن وڃي رهي آهي، ان ئي دوران هوءَ پنهنجو رئو لاهي ٿي ۽ سڀني کي فخر سان پنهنجي ٺوڙهه ڏيکاري ٿي.
شادي تقريب ۾ موجود مهمان اهو منظر ڏسي وائڙا ٿي ويا پر جڏهن کين حقيقت جي خبر پئي ته هنن ڪنوار جي ان قدم کي ساراهيو.
You might also like