ٽيم جي چونڊ ڪنهن ڪئي؟ وڏا انڪشاف سامهون اچي ويا

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۽ ٽه ملڪي ٽورنامينٽ لاءِ اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ تي ڇتي تنقيد بعد پي سي بي جو موقف سامهون آيو آهي، سياسي اثر رسوخ واري تاثر کي غلط قرار ڏيندي انتهائي دلچسپ انڪشاف ڪيا ويا آهن.
ميگا ايونٽ لاءِ اعلانيل اسڪواڊ خلاف سوشل ميڊيا توڙي ميڊيا تي باهه ٻريل آهي ۽ اڳوڻا ڪرڪيٽر ۽ پرستار ٽيم جي سليڪشن تي تمام گهڻو ڏمريل آهن.
ان حوالي سان پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين محسن نقوي ٽيم جي سليڪشن واري مرحلي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت ناهي ڪندو.
سليڪٽرن فهيم اشرف ۽ خوشدل شاهه کي چونڊڻ جو فيصلو پاڻ ڪيو، ڪپتان محمد رضوان کان راءِ ورتي وئي پر حتمي فيصلو سليڪٽرن ڪيو، پي سي بي چيئرمين رڳو اسڪواڊ جي منظوري ڏني.
سليڪشن ڪميٽي جي هڪ رڪن قسم کڻي چيو ته هنن جنهن رانديگر کي بهتر سمجهيو تنهن کي ٽيم۾ شامل ڪيو، سياسي مداخلت ۽ پسند نا پسند وارو تاثر غلط آهي.
عامر جمال جي ڪارڪردگي کي نظر انداز فهيم اشرف کي ٽيم ۾ انٽري تي ڪيئي اڳوڻا ڪرڪيٽر سوال اُٿاري رهيا آهن، پر سليڪٽرن جو خيال آهي ته فهيم اشرف هڪ آل رائونڊر جي صورت ۾ عامر جمال کان وڌيڪ بهتر آپشن آهي.
ان کانسواءِ اٽڪل ٻن ورهين بعد قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ خوشدل شاهه مان به سليڪٽرن کي وڏيون اميدون آهن، جڏهن ته عثمان خان کي ريزرو وڪيٽ ڪيپر طور اهميت ڏني وئي آهي، ٻنهي ٽورنامينٽ دوران جيڪڏهن ڪنهن موقعي تي محمد رضوان ان فٽ ٿئي ٿو ته عثمان خان ئي پهرين ترجيح هوندو.
ذريعن جو اِهو به چوڻ آهي ته جڏهن کان سليڪشن پاليسي تبديل ٿي ٽيم سٺا نتيجا ڏئي رهي آهي، پاڪستان انگلينڊ خلاف ٻه ۽ ويسٽ انڊيز خالف هڪ ٽيسٽ ميچ کٽي، ون ڊي ۾ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا کي سندن سرزمين تي هارايو جنهن مطلب آهي ته ٽيم درست انداز ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.