اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيل وڌيڪ 13 ڄڻن جي پاڪستاني شهري هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.
سفارتي ذريعن موجب، مقامي اختيارين کي رڳو 13 لاش مليا آهن، ۽ سڃاڻپ جي عمل دوران انهن جي پاڪستاني هجڻ جي تصديق ٿي. جڏهن ته گم ٿيل 27 پاڪستانين جا لاش اڃا تائين نه ملي سگهيا آهن.
مراڪش ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ذريعن ٻڌايو ته مڙهن جي سڃاڻپ لاءِ نادرا جون خدمتون حاصل ڪيون ويون، فنگر پرنٽس ۽ تصويرون نادرا ڏانهن اماڻيون ويون، جتان تصديقي عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فهرستون تيار ڪيون ويون.
ذريعن موجب، لاشن جي سڃاڻپ کانپوءِ جلد مڙهه ڏيهه واپس آندا ويندا.
You might also like