دمشق (ويب ڊيسڪ) شام ۾ هڪ ڪار بم ڌماڪي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب شام جي شهر منبج ۾ ٿيندڙ ڪار بم ڌماڪي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 15 زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
رپورٽ موجب ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ 14 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهي، جڏهن ته زخمي ٿيندڙ به سڀئي عورتون آهن، اهي سڀ ٻنين ۾ ڪم ڪندا هئا.
You might also like