مفتي قوي راکي ساونت کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مفتي قوي ڀارتي اداڪارا راکي ساونت سان شادي جي خواهش ظاهر ڪئي پر هن ان خواهش کي مشروط قرار ڏئي ڇڏيو.
مفتي قوي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته مان راکي ساونت سان نڪاح لاءِ تيار آهيان پر هڪ شرط آهي ته راکي اهو واضح ڪري ته ڇا اڳ ۾ ان جي شادي ٿي چڪي آهي؟ ڀلي اها مسلم يا هندو مذهب تحت هجي.
هن وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي پراڻي نڪاح جي ڪهاڻين کي راز ۾ رکڻ پسند ڪندو آهيان ۽ ننڍي کنڊ جي هڪ وڏي علمي، سياسي ۽ ادبي خاندان جي عورت سان نڪاح ڪيو هو پر اها جلد لاڏاڻو ڪري وئي، اڄ مان قبرستان مان گذرندي ان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندو آهيان.
مفتي قوي اهو شرط به رکيو ته راکي ساونت سان نڪاح کان اڳ پنهنجي ماءُ کان اجازت وٺندس ۽ جيڪڏهن هوءَ راضي ٿي ته مان به نڪاح لاءِ تيار ٿي ويندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.