پي سي بي جو تاريخي قدم، مينز ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ پهريون ڀيرو عورت مينيجر مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ حنا منور کي پاڪستان مينز ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين عورت مينيجر مقرر ڪري تاريخ لکي ڇڏي.
پي سي بي چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ تاريخي قدم کڻندي وومين ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ مقرر چيف سيڪيورٽي آفيسر حنا منور کي پاڪستان مينز ڪرڪيٽ ٽيم جي مينيجر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
حنا منور 19 فيبروري کان شروع ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي دوران آپريشن مينيجر جا فرض انجام ڏيندي، گڏوگڏ هوءَ 8 فيبروري کان شروع ٿيندڙ ٽي ملڪي سيريز دوران به ٽيم جي نگراني ڪندي.
حنا منور سول سپريئر سروسز جو امتحان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مختلف عهدن تي رهي چڪي آهي.
گذريل سال پي سي بي ۾ شموليت کانسواءِ حنا منور کي ايشيا ڪپ ويندڙ پاڪستان وومينز انڊر 19 اسڪواڊ جي مينيجر به نامزد ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.