ناليواري اداڪارا صبا قمر پنهنجي روح کي اڌورو قرار ڏئي ڇڏيو.
صبا قمر خوبصورت ساڙهي پائي دبئي ۾ اردو ادبي ميلي ”جشن ريخته“ جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي سندس ڏنل بيان اتي ويٺلن ۽ مداحن جو ڌيان حاصل ڪري ورتو.
پنهنجي زندگي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صبا قمر چيو ته منهنجي زندگي ڀارتي هدايتڪار امتياز علي جي فلمن جيان ”اڌورو روح“ آهي ۽ مون کي لڳي ٿو ته ان جو پنهنجو ئي مزو آهي.
هن چيو ته شيون اڌوريون رهجي وڃڻ جي ڳالهه ئي پنهنجي هوندي آهي، خوشيون ملڻ سان خوشيون مارجي وينديون آهن، مان ان ڳالهه تي يقين رکان ٿي ته درد ۾ به مزو آهي، درد ته آهي پر اهو به هڪ مزو آهي.
You might also like