”اڃا تائين ڪنواري آهيان ۽ ماڻهن کان اها ڳالهه هضم نه پئي ٿئي“ بولڊ فوٽو شوٽ تي ممتا جو ردعمل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ممتا ڪلڪرني ماضي ۾ پنهنجي تڪراري فوٽو شوٽ جي حوالي سان وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو.
تازي انٽرويو ۾ ممتا ڪلڪرني انڪشاف ڪيو ته جڏهن اهو واقعو پيش آيو ته مان نائين درجي ۾ هيس، اسٽار ڊسٽ ميگزين جي ٽيم مون کي هالي ووڊ اداڪارا ڊيمي مور جي هڪ تصوير ڏيکاري هئي ۽ مون کي اها تصوير فحش نه لڳي هئي.
سندس موجب مان ان وقت به بيان ڏنو هو ته اڃا تائين ڪنواري آهيان ۽ ماڻهن کان اها ڳالهه هضم نه پئي ٿئي، ڇو ته انهن جي نظر ۾ بالي ووڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ماڻهو ڪجهه به ڪندا آهن، ٿي سگهي ٿو ماڻهو ائين ڪندا هجن ۽ پيسي لاءِ بالي ووڊ ۾ داخل ٿيندا هجن پر منهنجي معاملي ۾ ائين نه هو.
ممتا وڌيڪ وضاحت ڏيندي چيو ڇو ته مون کي جنسيت بابت ڪو علم نه هو، تنهن ڪري اگهاڙي تصوير کي فحش نه سمجهندي هيس، جيڪڏهن توهان جنسي طور بيدار ناهيو ته اگهاڙي تصوير کي فحاشي سان جوڙيندئو.
هن چيو ته ان وقت منهنجي عمر ننڍي هئي ۽ وڌيڪ تجربو نه رکندي هيس، مون کي اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ جو وقت نه مليو هو ۽ منهنجي ذهن ۾ رڳو پنهنجي ڪيريئر کي اڳتي وڌائڻ جي خواهش هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.