لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته 8 فيبروري تي احتجاج جي حوالي سان اسان جماعت کي درخواست ڪنداسين ۽ جيڪڏهن اهي نه مُڙيا ته پوءِ رياست حرڪت ۾ ايندي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته اسان 26 نومبر تي به انهن کي درخواست ڪئي هئي ۽ 8 فيبروري جي احتجاج جي حوالي سان به درخواست ڪنداسين، جيڪڏهن اهي نه مڙيا ته پوءِ رياست حرڪت ۾ ايندي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني لاءِ آمريڪا مان ڪا فون ناهي آئي، جڏهن ته ڳالهين بابت پي ٽي آءِ باني کان پڇو.
You might also like