جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو النصر جي نمائندگي ڪندي سعودي پرو ليگ ۾ هڪ نئون اعزاز ماڻي ورتو.
سعودي پرو ليگ جي اهم ميچ ۾ رونالڊو الرايد خلاف پنهنجي ٽيم کي 1-2 تان فتح ڏياري، ميچ ۾ اسٽار فٽبالر هڪ گول ڪيو.
ان فتح سان رونالڊو دنيا جو واحد فٽبالر بڻجي ويو، جنهن مختلف ڪلبز جي نمائندگي ڪندي هيل تائين 700 ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪيون، ان کانسواءِ ڪو فٽبالر اهو ڪارنامو انجام ناهي ڏئي سگهيو.
رونالڊو النصر لاءِ هيل تائين 94 ميچن ۾ 85 گول ڪيا آهن.
You might also like