ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستانين سان گڏ ڀارتين به چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي سمجهه کان ٻاهر قرار ڏئي ڇڏيو.
ڀارتي اسپورٽس جرنلسٽس سوشل ميڊيا تي پاڪستاني اسڪواڊ جي حوالي سان چيو ته پاڪستان ٽيم رڳو هڪ اسپنر ابرار احمد سان ميدان ۾ لهي رهي آهي، سلمان آغا ۽ خوشدل شاهه بالنگ ڪرائيندي آهن پر ريگولر اسپنر هڪ آهي، توڙي جو دبئي ۽ پاڪستان جي پچن تي اسپنرن جو ڪردار وڌيڪ موزون هوندو آهي.
ڀارتي تجزئي نگارن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٽيم ۾ اهڙن ڪجهه رانديگرن جي واپسي ٿي آهي، جن وڏي وقت کان ون ڊي ڪرڪيٽ ئي ناهي کيڏي، پاڪستاني اسڪواڊ سمجهه کان ٻاهر آهي.
تجزئي نگارن صائم ايوب جي انجريءَ جي صورت ۾ بابر اعظم کان اوپننگ ڪرائڻ تي به سوال اٿاريندي چيو ته بابر جي تازي فارم کي ڏسندي لڳي ٿو ته اوپننگ جي ذميواري وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿي.
واضح رهي ته پاڪستان گذريل ڏينهن چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، سلمان علي آغا (نائب ڪپتان)، بابر اعظم، فخر زمان، ڪامران غلام، سعود شڪيل، طيب طاهر، فهيم اشرف، خوشدل شاهه، عثمان خان، ابرار احمد، حارث رئوف، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ محمد حسنين شامل آهن.
رڳو هڪ ريگولر اسپنر! اوپننگ ڪير ڪندو؟ ڀارتين پاڪستاني اسڪواڊ کي سمجهه کان ٻاهر قرار ڏئي ڇڏيو
You might also like