عامر خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر محبت ٿي وئي، نئين زندگي جي شروعات لاءِ تيار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ٽيون ڀيرو محبت ۾ مبتلا ٿي ويو.
خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته 59 ورهين جي اداڪار جي زندگي ۾ نئين عورت داخل ٿي وئي آهي، جنهن جو واسطو بينگلور سان آهي.
ذريعن موجب عامر خان تازو پنهنجي نئين ساٿي کي سڄي خاندان سان متعارف ڪرايو ۽ ملاقات خوشگوار رهي، جيڪو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته هو پنهنجي زندگي جو نئون باب شروع ڪري رهيو آهي.
واضح رهي ته ان حوالي سان عامر خان طرفان باضابطا طور بيان سامهون ناهي آيو.
عامر خان جي پهرين شادي رينا دتا سان 1986 ۾ ٿي هئي پر 2002 ۾ ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي وئي، پوءِ 2005 ۾ عامر خان فلم ساز ڪرن رائو سان شادي ڪئي ۽ اها شادي به 2021 ۾ طلاق تي ختم ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.