راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير بلوچستان ۾ دهشتگردن جي حملن ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته نالي ماتر دوستي جي لباس ۾ لڪل دشمن کي بهادر قوم ۽ هٿياربند فوج شڪست ڏيندي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير بلوچستان جو دورو ڪيو، جتي کيس بلوچستان جي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.
جنرل عاصم منير شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال ڪوئيٽا ۾ زخمين جي عيادت ڪئي.
آرمي چيف چيو ته اهي عنصر جيڪي پرڏيهي آقائن لاءِ دهشتگردي جا اوزار بڻيل آهن ۽ ٻٽو معيار اختيار ڪري دوکيبازي ۽ منافقت جي راند کيڏي رهيا آهن، اهي اسان لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهن.
هن چيو ته نالي ماتر دوستي جي لباس ۾ لڪل دشمن ڇا به ڪن، کين بهادر قوم ۽ هٿياربند فوج جي مزاحمت سان شڪست ملندي.
جنرل عاصم منير چيو ته وطن ۽ ان جي عوام جي حفاظت لاءِ اسان هر ممڪن جوابي ڪارروائي ڪنداسين ۽ دشمنن کي انهن جي انجام تائين پهچائينداسين.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور (ايف سي) ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ دهشتگردي خلاف عزم کي ساراهيو.
ان موقعي تي آرمي چيف بلوچستان جي عوام جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ، صوبي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت سان مڪمل سهڪار جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
You might also like