اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ، لاهور ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪئي وئي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ مان جسٽس سرفراز ڊوگر، سنڌ هاءِ ڪورٽ مان جسٽس خادم حسين سومرو ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان جسٽس محمد آصف جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بدلي ڪئي وئي آهي.
صدر آصف علي زرداري جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
You might also like