واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سکن جي تنظيم سک فار جسٽس ڀارت کان عليحدگي جو مطالبو ڪندي آمريڪا ۾ 23 مارچ کان ريفرنڊم شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو.
سک فار جسٽس آمريڪا ۾ خالصتان ريفرنڊم جو اعلان ڪري ڇڏيو، تنظيم آمريڪا ۾ 23 مارچ کان ريفرنڊم جو اعلان ڪيو آهي.
سک اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون چيو آهي ته ڀارت خالصتان تحريڪ جي اڳواڻن جي قتل جي رٿابندي ڪري رهيو آهي، مودي حڪومت آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻن کي قتل ڪرڻ چاهي ٿي.
هن چيو ته ڪينيڊا ۾ ان کان اڳ هرديپ سنگهه نجار کي قتل ڪيو ويو، مون کي آمريڪي سرزمين تي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ٽرمپ انتظاميا کي درخواست آهي ته فوري طور ڀارتي اختيارين سان رابطو ڪري.
You might also like