لاهور (ويب ڊيسڪ) موٽر سائيڪل سوارن لاءِ رفتار جي حد مقرر ڪئي وئي، ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لڳندو.
پنجاب حڪومت روڊ سيفٽي لاءِ اهم قدم کڻندي موٽر سائيڪل سوارن لاءِ رفتار جي حد مقرر ڪري ڇڏي.
ٽرانسپورٽ کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب موٽر سائيڪل وڌ کان وڌ 60 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلائي سگهجي ٿي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڏنڊ هوندو.
ان فيصلي جو بنيادي مقصد روڊ حادثن ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي.
You might also like