وزيراعظم ناڻو کولي، ڪراچي کي 15 نه 1500 ارب گهرجن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وزيراعظم خزانو کولي، ڪراچي کي 15 نه 1500 ارب گهرجن.
صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم کي آڇ ڪئي ته وفاق کان ڪراچي لاءِ پيسا آڻيو ۽ مون سان گڏ ويهو، شهر جا مسئلا ڳالهين ۽ پريس ڪانفرنس سان حل نه ٿيندا.
هن چيو ته ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو پيئڻ جي پاڻي جو آهي، لاهور ۾ زمين جو پاڻي مٺو آهي پر هتي ناهي، پاڻي جي مسئلي تي لاهور جو مثال ڪراچي ۾ نٿو ڏئي سگهجي.
سندس چوڻ هو ايم ڪيو ايم وزيراعظم کي چئي ته وفاق ڪراچي جي مدد ڪري، هر سياسي جماعت کي چوان ٿو ته اسان جا در کليل آهن.
پ پ اڳواڻ چيو ته اسلام آباد وارا ڪراچي لاءِ پنهنجي دل وڏي ڪن، وزيراعظم خزانو کولي، ڪراچي کي 15 نه 1500 ارب گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.