فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل، عدالت سوال اٿاري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي ڪيس ۾ مختلف سوال اٿاري ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث آرمي ايڪٽ ۽ پوليس ايف آءِ آر ۾ چارج فريم بابت عدالت کي آگاهه ڪيو.
جسٽس حسن اظهر رضوي سوال ڪيو ته آرمي ايڪٽ ۾ انڪوائري ڪير ڪندو آهي؟ خواجا حارث ٻڌايو ته چارج کانپوءِ انڪوائري ڪمانڊنٽ آفيسر ڪندو آهي، جاچ جو مڪمل طريقي ڪار ٻڌائينداسين.
جسٽس مسرت سوال ڪيو ته فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانپوءِ انڪوائري ڪيئن ڪندا آهن؟ ايف آءِ آر ڪيئن ٿيندي آهي؟ خواجا حارث ٻڌايو ته ان لاءِ ئي لفظ چارج استعمال ٿيندو آهي ۽ چارج جي بنياد تي جاچ ڪئي ويندي آهي.
جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جيستائين الزام نه هجي آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ نٿو چئي سگهجي، چارج فريم هجڻ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.