اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس منصور علي شاهه جا 13 ۽ 16 جنوري وارا فيصلا واپس وٺي ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ ڪسٽم ريگوليٽر ڊيوٽي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران لاڳاپيل اختياريون ۽ وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين چيو ته 13 جنوري تي حڪم ڏنو ويو هو ته ٻڌڻي 27 جنوري تي ٿيندي، پوءِ اوچتو ٻڌڻي ايندڙ ڏينهن ڪيئن مقرر ٿي وئي؟
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته 3 رڪني بينڪ مان هڪ جج الڳ ٿي ويو ته ڇا اهو جج حڪم ڏئي سگھندو هو ته ڪيس مخصوص بينچ جي سامهون لڳي؟ جسٽس حسن اظهر چيو ته ڇا بينچ ٻيهر قائم ڪرڻ جو اختيار ساڳئي جج وٽ هو؟
جسٽس نعيم افغان وڪيل بيرسٽر صلاح الدين کي چيو ته اسان کي لڳي ٿو ته سڄو تڪرار توهان جي ڪري آهي، جسٽس مظهر چيو ته عدالتي حڪم موجب توهان جو اصرار هو ته ريگولر بينچ ڪيس ٻڌي سگھي ٿي.
جسٽس مندوخيل بيرسٽر صلاح الدين کان سوال ڪيو ته ڇا توهان کي اسان ججن تي اعتبار ناهي؟ جيڪڏهن مان نااهل آهيان يا مون کي قانون نٿو اچي ته ٻڌايو، نئون سسٽم ڪنهن کي پسند ناهي ته اها الڳ ڳالهه آهي.
جسٽس مظهر چيو ته 16 جنوري جي حڪم ۾ چيو ويو هو ته ڪيس کي ٻڌو ويو سمجهيو وڃي، ڪيس ٻڌڻ يا نه ٻڌڻ جو سوال آهي، اهو ٻڌو ويو سمجهيو وڃي، اها اصطلاح ڪٿان آئي؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته اٽارني جنرل کي رول 27 اي جو نوٽيس ڏيڻ بنا ڪيئن چيو ويو ته ڪيس ٻڌل سمجهيو وڃي.
ان تي اٽارني جنرل چيو ته وٽن 13 جنوري جا ٻه حڪم ناما موجود آهن، پهرئين ۾ چيو ويو هو ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 27 جنوري تي ٿيندي، ٻئي حڪم ۾ چيو ويو هو ته ڪيس جي ايندڙ تاريخ 16 جنوري آهي.
جسٽس مندوخيل چيو ته غير قانوني طريقي سان ڪم نه ڪيو، ٺيڪ طريقي سان ڪم ڪيو، ڇا اسان ريگولر بينچ کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو؟ اسان رڳو ڪيس ٻڌو.
جسٽس نعيم افغان چيو ته ڪالهه فيصلي ۾ چيو ويو ڪيس ان ئي بينچ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي، فيصلي ۾ ته ججن جا نالا به لکيا ويا، غلط يا صحيح پر جڊيشل آرڊر آهي، ڇا اسان هتي ڪيس ٻڌي سگهون ٿا؟
ٻڌڻي کانپوءِ آئيني بينچ جسٽس منصور علي شاهه جا 13 ۽ 16 جنوري جا فيصلا واپس وٺي ڇڏيا، جڏهن ته آئيني بينچ نذر عباس توهين عدالت ڪيس جو رڪارڊ ڪسٽم ڊيوٽي ڪيس جا جوڙڻ جو حڪم به ڏنو.
پوءِ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪسٽم ريگوليٽر ڊيوٽي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like