سلمان خان ڪراچي ۾ ٽي مهينا رهي چُڪو آهي: ڪراچي واسي مائٽ جا وڏا انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي واسي باري جيلاني هڪ انٽرويو ۾ سلمان خان ۽ ان جي ڪٽنب سان رشتو هجڻ جي ڪري وڏا انڪشاف ڪيا آهن.

باري جيلاني نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته اسان جو تعلق ڀارت جي اندور شهر سان آهي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسان ڪراچي لڏي آياسين. ممبئي کانپوءِ ٻيو بي ٽائون اندور آهي. سلمان خان جو پيءُ سليم خان منهنجي پڦاٽ آهي ۽ اسان جا رشتا سدائين مضبوط رهيا آهن.

هن ٻڌايو ته سلمان خان، ارباز، سهيل ۽ انهن جي ڀيڻ ڪراچي اچي چُڪا آهن. اهي اڻويهه سئو اسي واري ڏهاڪي جي آخر ۾ ٽي مهينا اسان جي گهر خداداد ڪالوني ۾ رهيا هئا، باري کلندي ٻڌايو ته ان دوران انهن لائيٽ هائوس مان جينز جو پينٽون به ورتيون هيون ۽ سائيڪلن جي ڊوڙ واري شوق ۾ مگن رهيا.

باري جيلاني جي پٽ نديم جو چوڻ هو ته ارباز خان اسانجي دوست ناصر عبدالله جي ٽريل بائيڪ هلائڻ جو ضد ڪيو هو ۽ موٽرسائيڪل ضابطي مان نڪرڻ جي ڪري اهو حادثي جو شڪار به بڻيو هو. ارباز خان جي ٽنگ ۾ فريڪچر ٿيو هو ۽ اهي ٽي مهينا هتي اسان وٽ ئي رهيا هئا.

هي اهي ڏينهن هئا جڏهن سلمان خان اڃا اداڪار نه پر ماڊل هوندو هو، کيس سائيڪل هلائڻ ۾ وڏي مهارت هئي ۽ هو هڪ ٽائر تي ميلن ۾ سائيڪل ڊوڙ ۾ حصو وٺندو هو.

سندس چوڻ هو ته اسان جي ڪٽنب جي لاءِ اهو وقت انتهائي قيمتي آهي، جاني واڪر ۽ دليپ ڪمار جهڙي عظيم فنڪارن سان نه رڳو ملاقاتون ٿيون آهن اسان سان گڏجي دعوتون به ڪيون.

ھن ٻڌايو ته اسان جو وڏو سلمان خان جو پڙ ڏاڏو مطلب ته سليم خان جو ڏاڏو هڪ ئي هيو، اهو پوليس ۾ ڊي آءِ جي هو جنهن جي ڪري هي پاڪستان نه آيا.

هن مائٽن طرفان وساري ڇڏڻ واري سوال تي چيو ته اهي هن وقت به اسان سان رابطي ۾ آهن، هاڻي هڪ ڪلاڪ اڳ به اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سليم خان جي ڀيڻ ثريا فون تي ڳالهايو ان جو پُٽ فلمن ۾ گيت ڳائيندو آهي، اهي رابطي ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.