چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو سڀاڻي کان شروع، قيمت ڪيتري هوندي؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي جي مقابلن لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو سڀاڻي کان شروع ٿيندو.
پاڪستان ۾ ٿيندڙ گروپ ميچن ۽ ٻئي سيمي فائنل جي ميچ لاءِ ٽڪيٽون 28 فيبروري کان ملنديون، جڏهن ته دبئي ۾ ٿيندڙ ڀارت جي ميچن ۽ پهرئين سيمي فائنل جي ٽڪيٽن جي وڪري جو اعلان اڃا ناهي ڪيو ويو.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي شروعات 19 فيبروري کان پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڀارت پنهنجون ميچون گڏيل عرب امارتن ۾ کيڏندو، ٽورنامينٽ جو فائنل 9 مارچ تي کيڏيو ويندو.
پاڪستان ۾ کيڏي ويندڙ ميچن لاءِ جنرل اسٽينڊ جي ٽڪيٽ جي قيمت هڪ هزار پاڪستاني رپيا هوندي، جڏهن ته پريميم سيٽون مختلف ڪيٽيگرين ۾ 1500 رپين ۾ ملنديون، جن ۾ ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ٿيندڙ 10 ميچون شامل آهن.
اهڙي ريت لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ 5 مارچ تي ٿيندڙ ٻئي سيمي فائنل جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان جي سڀ کان مهانگي ٽڪيٽ 25 هزار، جڏهن ته سڀ کان سستي ٽڪيٽ 25 سئو پاڪستاني رپين ۾ رکي وئي آهي.
راولپنڊي ۾ ٿيندڙ ميچن جي سڀ کان مهانگي ٽڪيٽ 18 هزار، جڏهن ته سستي ٽڪيٽ هزار رپيا آهي، اهڙي ريت ڪراچي جي ميچن لاءِ سڀ کان سستي ٽڪيٽ هزار رپيا ۽ سڀ کان مهانگي 25 هزار رپيا آهي.
چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل جون ٽڪيٽون دبئي ۾ ٿيندڙ پهرئين سيمي فائنل کانپوءِ وڪري لاءِ پيش ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.