عدت ۾ نڪاح ڪيس: خاور مانيڪا جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدت ۾ نڪاح ڪيس جي سلسلي ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي بري ڪرڻ جي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

بري ڪرڻ جي خلاف خاودر مانيڪا جي اپيل کي سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس اعظم خان سڀاڻي ٻڌڻي ڪندو. خاودر مانيڪا 13 جولاءِ 2024 وارو ايڊشنل سيشن جج جو فيصلو چيلنج ڪري ڇڏيو آهي.

درخواست ۾ ايڊشنل سيشن جج جو بري ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

تيرهن جولاءِ 2024 تي باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي کي عدت ۾ نڪاح ڪيس مان بري ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.