سانگهڙ واقعي جي ڪردارن کي ڪيفر ڪردار تائين پڄايو ويندو: شازيا مري

پاکستان پیپلز پارٽي پارلیمنٹیرینز جي ترجمان شازیا مري سانگهڙ ۾ ٻن گروپن جي وچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيفر کردار تائين پهچايو ويندو.

ترجمان پيپلز پارٽي جو چوڻ هو ته بي گناهه ماڻهن جي قتل تي دلي گهرو ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي.

هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير، گهرو وزير ۽ آئي جي سنڌ سان رابطو ڪيو آهي، اعليٰ اختيارين کان قتل جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جي درخواست ڪئي آهي.

شازيا مري جو چوڻ هو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو، جوابدارن قانون کان نٿا بچي سگهن. امن و امان برقرار رکيو ويندو.

هن اهو به چيو ته سانگھڙ واري واقعي ۾ زخمي ۽ فوت ٿيلن کي انصاف ڏنو ويندو.

ياد رهي ته ضلعي سانگھڙ جي علائقي پنهل جوڻجيو ۾ ٻن گروهن وچ ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا قتل ۽ پندرهن کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.