ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي واپارين منصوبه بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کان دلچسپ مطالبو ڪيوآهي.
اجلاس دوران، واپارين جو مطالبو ٻڌڻ کانپوءِ احسن اقبال کان کِل وهي وئي، پر ان تي ڪو به جواب نه ڏنو.
وفاقي وزير ۽ تاجرن جي اجلاس دوران ٿيندڙ ڳالهيون ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن مريم نواز کي سنڌ جو وڏو وزير بڻائڻ جي حمايت ڪئي.
واپارين احسن اقبال کي چيو: "ڪجهه وقت لاءِ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز اسان کي ڏي ڏيو، ۽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه توهان رکو.”