اسلام آباد: هلندڙ مهيني ۾ غيرقانوني هٿيارن ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث 446 جوابدار گرفتار ڪيا ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد پوليس موجب هلندڙ مهيني دوران غير قانوني هٿيارن ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث 446 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان 492 پسٽول، ميگزينز ۽ 24 هزار کان وڌيڪ گوليون هٿ ڪيون ويون.

پوليس ترجمان موجب  گرفتار جوابدارن وٽان وڏي مقدار ۾ منشيات ۽ نشو آور گوريون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن.

ترجمان اسلام آباد پوليس موجب جوابدارن خلاف اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان ڊي آءِ جي اسلام آباد پوليس چيو ته اسلام آباد پوليس شرپسند عنصرن خلاف سدائين تيار آهي، اسلام آباد ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ سنگين ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

ڊي آءِ جي اسلام آباد موجب شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جي پهرين ترجيح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.