ڌاٻيجي (رپورٽ:مقصود احمد جوکيو) خانگي بجلي گهر جي انتظاميا ايس ايس پي ٺٽو ڊي سي ٺٽو جي مداخلت بعد مقامي ماهيگرن اڳيان گوڏاکوڙي ڇڏيا.سمورا مطالبا منظور ٿيڻ کانپوءِ مقامي مهاڻن ۾خوشي جي لهر ڇانيل آهي، گذريل رات دير سان گهارو ٿاڻي تي مقامي بلدياتي چونڊيل نمائندن ايس ايچ او گهارو ،خانگي بجلي گهرن جي انتظاميا وچ ۾ رات دير سان ٿيندڙ ڳالهيون ڪامياب ماهيگرن جي لنگهن سميت برطرف ڪيل پورهيت بحال ڪري ڇڏيا، انهي موقعي تي ايس ايچ او محمد علي ڌامرھه اسٽنٽ ڪمشنر مير پور ساڪرو ڊاڪٽر راشد چنا ٻڌايو ته ايس ايس پي ٺٽو ڊي سي ٺٽو جي هدايتن تي مقامي ماهيگرن ۽ خانگي بجلي گهر جي انتظاميا وچ ۾ ٿيل سمورا مسئلا حل ڪيا ويا آهن، بند پيل لنگهن سميت برطرف ٿيل پورهيت بحال ڪرايا ويا آهن ڪنهن به مقامي پورهيت سان ڪنهن به قسم جي ناانصافي نه ٿيندي ٻئي پاسي ڪوسٽل هائي وي جي ٽنهي يوسين جي اڳواڻن ٻڌايو ته مقامي مهاڻن جي لاءِ اسان جي چار ڏينهن جدوجهد رهي، آخر خانگي بجلي گهر جي انتظاميا گذريل رات دير سان اسان جا جائز مطالبا مڃي ورتا آهن جنهن کان پوءِ اسان پنهجو احتجاج ختم ٿا ڪيون، ڪنهن مقامي پورهيت سان خانگي بجلي گهر جي انتظاميا بدمعاشي ڪئي ته ان کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو .