نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته خطي جي ملڪن ۽ آمريڪا سان بهتر لاڳاپن لاءِ ايران کي پهريون قدم کڻڻ گهرجي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اها ڳالهه گڏيل قومون جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم کي خطاب دوران چئي.
هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ لاڳاپيل سوال ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جو آهي، ايران ان ڳالهه کي سمجهي ٿو، اميد آهي ته هو ايٽمي هٿيار جي پروگرام تان هٿ کڻڻ ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان تعميري بنياد تي شريڪ هوندو.